سجاول ضلعي ۾ منشيات جو ڪاروبار کلي عام ھلڻ خلاف شھري اتحاد ۽ جي ٽي آئي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو

سجاول: (ڊر)سجاول ضلعي ۾ منشيات جو ڪاروبار کلي عام ھلڻ خلاف شھري اتحاد ۽ جي ٽي آئي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جنھن ۾ شھرين ھٿن ۾ پمفليٽ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي شھري اتحاد جي يونس ڀان،جي ٽي آئي ضلعي سجاول جي صدر حمادالله ميمڻ،منيرميمڻ،ڊاڪٽرھوتچند،جي يو آئي جي حميف سومرو ۽ ٻين چيو ته سجاول ضلعي جي سمورن شھرن ۾ جوئا، آڪڙا ۽ ڪچي شراب سميت منشيات جو ڪاروبار وڏي پيماني تي پوليس جي سرپرستي ۾ ھلي رھيو آھي، پوليس منشيات فروشن کان ڀتو وٺي کين منشيات وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي جنھن سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي ھنن چيو ته منشيات خلاف تحريڪ شروع ڪئي وئي آھي جيڪا مرحيليوار جاري رھندي ھنن چيو ته آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد نوٽيس وٺي سجاول ضلعي ۾ منشيات جو ڪاروبار بند ڪرائين ٻي صورت ۾ ضلعي جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا.

Read Previous

سجاول: جمعيت طلباء اسلام ۽ ميڊيڪل شاگردن طرفان پي ايم سي جي شاگردن جا نتيجا بدلائڻ خلاف سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

Read Next

نوشھروفيروز : پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرڻ خلاف ۽ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جا ٽائيم اسڪيل اپگريڊيشن پروموشن نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Most Popular