راڻيپور : بااثرن پاران چار ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي خلاف متاثرن جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو

راڻيپور ۾ بااثرن پاران چار ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي خلاف متاثرن جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو رپورٽ موجب:راڻيپور ۾ انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو ڳوٺ گل حسن ونڊير جي رهائشي نسيم احمد ونڊير پنهنجي امڙ شفاعت خاتون,چاچي مسمات زرينه ۽ پڦي مسمات زاهداه کي ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن چيو ته اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ بااثر پوليس اهلڪار غلام حسين سندس ڀائرن راڻو خان ,مظهر علي ۽ عاشق حسين پوليس وردي جي زور تي زبردستي اسانجي چار ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي هنن چيو ته قبضي کي ٻه سال گذري ويا آهن پر خالي نه ٿو ڪيو وڃي جيڪا ڪروڙن جي ملڪيت آهي اگر مخالف ڌر کي قبضو خالي ڪرڻ لاء چيو ٿو وڃي ته هو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اسانجي هڪ چاچي عابد حسين ونڊير مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ناجائز قبضي خلاف اسين هر اداري ۽ علائقي جي چڱن مڙسن کي دانهون پڻ ڏنيون آهن غريب هجڻ سبب ڪوبه اسانجي دانهن ٻڌڻ لاء تيار ناهي هنن چيو ته ٿيل قبضي واري زمين مٿان مختلف ماڻهن جا گهر جوڙيا ويا آهن وزير اعلئ سنڌ ,گورنر ۽ صوبائي وزير روينيو,ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻين اعلئ اختيارين کان مطالبو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي قبضو خالي ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Read Previous

سکر : ايس ايس پي جي حق ۾ پريس ڪلب آڏو مختلف برادرين، نوجوانن ۽ شهرين پاران احتجاج، ريلي

Read Next

ميرپورخاص سنڌ ترقي پسند پارڻي طرفان شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء اسٽيٽ لائيف بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي

Most Popular