ميرپورخاص سنڌ ترقي پسند پارڻي طرفان شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء اسٽيٽ لائيف بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي

ميرپورخاص (رپورٽ شاهزيب خاصخيلي)ميرپورخاص سنڌ ترقي پسند پارڻي طرفان شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء اسٽيٽ لائيف بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت ناري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي ضلي صدر عبدالڪريم,پريس سيڪرٽيري گلزار مگسي, نظيراحمد ڪيريو,پرويز نوحاڻي,تعلقه اڳواڻ نورمحمد مهر, ٺارو نوحاڻي ,شاهنواز مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي اڳيان مظاهرو ڪيو ويو مظاهرو کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پارٽي جي وائيس چئيرمن جي شهادت کي هڪ مهيني کان وڌيڪ ٽائيم گذري چڪو آهي ان باوجود پوليس ۽ حڪومت ڪک به ٻيڻو نه ڪيو آهي اسان ايس ايس پي ٽنڊوالھيار ۽ آجي سنڌ ڊي جي رينجرز کان سخت مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد سنڌ جا قاتل جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي ڪيفي ڪردار تائين پهچايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو ان موقعي تي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايس ٽي پي کي سنڌ جي جدوجهد تان هٽائي نٿو سگهجي اسان شهادتن کان ڍڄڻ وارا نه آهيون شهيد جو خون راهيگان نه ويندو شهيد سنڌ جي خون سان انصاف ڪري ڪارڪنن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي الطاف جسڪاڻي کي شهيد ڪرائي سنڌ لاء جاري جدوجهد کي خاموش ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ايس ٽي پي پنهنجي جاري جدو جهد کي روڪي نٿو سگهجي ايس ٽي پي جو هر ڪارڪون ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌ ڌرتي لاء پنهنجو رت ڏيڻ لاء تيار هوندو شهيد سنڌ جا مک قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن

Read Previous

راڻيپور : بااثرن پاران چار ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي خلاف متاثرن جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو

Read Next

ڳڙھي خيرو:پيپلز پارٽي جا پاڙ عوام ۾ آھن, هر دئور ۾ سازشن جو مقابلو ڪيو آھي

Most Popular