ڳڙھي خيرو:پيپلز پارٽي جا پاڙ عوام ۾ آھن, هر دئور ۾ سازشن جو مقابلو ڪيو آھي

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)پيپلز پارٽي جا پاڙ عوام ۾ آھن,هر دئور ۾ سازشن جو مقابلو ڪيو آھي, عمران خان جي حڪومت کان عوام بيزار ٿي چڪو آھي,صرف پي ڊي ايم ئي نه پر پوري عوام جي طاقت سان حڪومت کي گهر موڪلينداسين,سليمان خان پنهورتفصيل موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي اڳواڻ سردارزاده سليمان خان پنهور تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ تنظيمي دورو ۽ تعزتيتون ڪيون جڏهن ته عمران خان پهنور آدم خان بگٽي,علي نواز ملغاڻي ساڻس گڏهئا ان بعد ڳڙھي خيرو پريس ڪلب تي پهچي صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جا پاڙ عوام ۾ آھن,هر دئور ۾ سازشن جو مقابلو ڪيو آھي, عمران خان جي پاليسين کان عوام بيزار ٿي چڪي آھي, ان وڌيڪ چيو ته صرف پي ڊي ايم ئي نه پر پوري عوام جي طاقت سان حڪومت کي گهر موڪلينداسين ان وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ کان ڊڄي ڌمڪين تي لهي آئي آھي, پر پيپلز پارٽي آمريت جو دور ۾ به عوام جي طاقت سان مقابلو ڪري انهن جي سازشن کي ناڪام بڻايو, هڪ صحافي جي سوال تي جواب ڏيندي چيائين ڳڙھي خيرو ۾ گئس, نادره آفيس, ڊگري ڪاليج سميت بنيادي مسئلن جي حل لاء پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت ۽ سنڌ حڪومت کي آگاه ڪيو ويندو ۽ حل جي لاء ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي.ان موقعي تي ڳڙهي پريس ڪلب جي صدر حسين بخش جمالي پاران آيل معزز مهمان سردارزاده سليمان خان پنهور کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويوجڏهن ته پيپلز پارٽي تعلقه انفارميشن سيڪريٽري نياز جان بروهي، غلام مصطفي جمالي، صحافي وحيد حسين لهر, يوسف رئيساڻي, اسدالله لغاري, عبيدالله بروهي, عمر دارز جمالي ۽ ٻيا موجود هئا.

Read Previous

ميرپورخاص سنڌ ترقي پسند پارڻي طرفان شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء اسٽيٽ لائيف بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي

Read Next

مسلم ليگ فنڪشنل سانگهڙ تعلقي ۽ سٽي جي عھديدارن جي چونڊ اجلاس۾ صدارت تي اتفاق نه ٿي سگهيو

Most Popular