مسلم ليگ فنڪشنل سانگهڙ تعلقي ۽ سٽي جي عھديدارن جي چونڊ اجلاس۾ صدارت تي اتفاق نه ٿي سگهيو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)مسلم ليگ فنڪشنل سانگهڙ تعلقي ۽ سٽي جي عھديدارن جي چونڊ اجلاس۾ صدارت تي اتفاق نه ٿي سگهيو.تعلقي ۽ سٽي تي اھڙا عھديدار چونڊيا وڃن جن کي اڳتي مڪاني ۽ عام چونڊن ۾ اميدوار طور سامهون آندو وڃي. اڪثريتي راءِ.تفصيل موجب مسلم ليگ فنڪشنل جي سانگهڙ تعلقي ۽ سٽي جي عھديدارن جي لاءِ گھرايل اجلاس ۾ صدارت جي عھديدارن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. مرحوم رئيس غلام قادر مري جي خاندان مان عبداللطيف خان مري جو نالو اڪثريت باجود فائنل نه ٿي سگهيو. با خبر ذريعن موجب اجلاس ۾ غلام قادر مري جي فرزند وزير خان مري ڳالھائيندي چيو ته پنجاھ سالن جي سفر ۾ اسان جماعت توڙي پارٽي ۾ اسان ڪڏھن عھديدار توڙي اسيمبلي جي ميمبر جي اميدوار طور سامهون نه آيا آھيون. ھاڻ اسان جو حق آهي اسان کي شھر جي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سٽي جي صدارت ڏني وڃي. جنھن تي مسلم ليگ فنڪشنل جي اڪثر ڪارڪنن ۽ سينيئر قيادت سپورٽ پڻ ڪئي. جڏهن ته اڳوڻي تعلقي صدر مرحوم الھبچايو نظاماڻي جي ڀاءُ علي حسن نظاماڻي پڻ پاڻ کي اميدوار طور سامهون آندو جنھن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سخت گرما گرمي پڻ ڏسڻ ۾ آئي. حتمي فيصلي لاءِ اڳئين ھفتي ٻيھر اجلاس گھرايو ويو

Read Previous

ڳڙھي خيرو:پيپلز پارٽي جا پاڙ عوام ۾ آھن, هر دئور ۾ سازشن جو مقابلو ڪيو آھي

Read Next

لاڙڪاڻو: آپڪا پاپوليشن جي سڏ تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي عورت توڙي مرد ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular