لاڙڪاڻو: آپڪا پاپوليشن جي سڏ تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي عورت توڙي مرد ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

اڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آپڪا پاپوليشن جي سڏ تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي عورت توڙي مرد ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. جتي ملازمن پاران هٿن ۾ بينر کڻي مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آپڪا پاپوليشن سنڌ جي مرڪزي صدر پيرل دايو، شريف عمراڻي، امام الدين بگٽي، محمد نواز ميمڻ، قطب الدين راجپوت، عامر کيڙو، طارق ڀٽو، شرافت ابڙو، عبدالوهاب مغيري، شبنم جوڻيجو، مس ارشاد مغل ۽ ٻين چيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن جا ڪيترائي مسئلا آهن، جن ۾ کاتي جا فلاحي مرڪز صحت کاتي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ، اپ گريڊيشن، ٽائيم اسڪيل، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ، ڪوٽا تحت ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏيڻ، سمورن سرڪاري ملازمن کي تمام ڪيڊرن جا پروموشن سينارٽي ۽ رولس ريگيوليشن مطابق ڏيڻ، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ، 18 هين ترميم کان پوءِ وفاق ڏانهن منتقل ڪيل ننڍن ملازمن جا پروموشن ڪرڻ، سمورن ملازمن کي سنڌ سيڪريٽيٽ جي ملازمن جيان مراحتون ڏيڻ ۽ ٻيا جائز مطالبا شامل آهن، جيڪي وڏي عرصي کان منظور نه ڪري ملازمن کي پنهنجي جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ملازمن وچ ۾ بيچئني پکڙيل آهي، اهي ئي سبب آهي جو ملازم روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، پر ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ڪونهي. هنن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته پاپوليشن کاتي جي فلاحي مرڪزن، موبائيل سروس يونٽن کي صحت کاتي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ٻيا مطالبا فوري طور تسليم ڪري بيچئني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

مسلم ليگ فنڪشنل سانگهڙ تعلقي ۽ سٽي جي عھديدارن جي چونڊ اجلاس۾ صدارت تي اتفاق نه ٿي سگهيو

Read Next

ڪشمير ۾ پهرين ڪرڪيٽ ليگ ڪرائڻ جون تياريون مڪمل

Most Popular