ايران آمريڪا کان اهم منظوري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

تهران: آمريڪا ايران کي ڪرونا ويڪسين جي خريداري لاءِ فنڊز ٽرانسفر جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ايراني سينٽرل بينڪ جي سربراهه ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ايران کي ٻين ملڪن کان ڪورونا ويڪسين خريدڻ لاءِ فنڊز ٽرانسفر جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ايراني سينٽرل بينڪ جي گورنر عبدالنصر حماتي جو چوڻ هو ته بينڪ کي ويڪسين جي خريداري جي سلسلي ۾ سوئس بينڪ کي ادائيگي لاءِ آمريڪي خزاني جي وزارت جي فارن ايسيٽس ڪنٽرول آفيس کان منظوري ملي وئي آهي. عبدالنصر حماتي وڌيڪ چيو ته آمريڪا اسان جي سمورين بينڪن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ان ڪري هن عالمي دٻاءُ جي تناظر ۾ صرف ان ويڪسين جي منظوري ڏني آهي.

Read Previous

ڪشمير ۾ پهرين ڪرڪيٽ ليگ ڪرائڻ جون تياريون مڪمل

Read Next

پاڪستاني اداڪارائون به مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ

Most Popular