پاڪستاني اداڪارائون به مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ

ڪراچي: سموري دنيا وانگي پاڪستان ۾ به ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ ان ڏڻ جي موقعي تي پاڪستان انڊسٽري جا ستارا به اهڙين خوشين ۾ شريڪ آهن. شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي اداڪارائن ڪرسمس جي موقعي تي ان ڏڻ تي مسيحي برادري کي مبارڪون ڏنيون آهن. پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل آمنه الياس ڪرسمس جي موقعي تي ڪرسمس ٽري سان گڏ هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪندي مسيحي برادري کي ڏڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ماڊل اداڪاره صحيفه جبار خٽڪ به پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن. اداڪاره ماوره حسن خوبصورت ڪرسمس ٽري سان بومرينگ شيئر ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون. جڏهن ته اداڪاره صاحبه فضل پنهنجي مسيحي ملازمن سان گڏجي ڪرسمس جون خوشيون ملهايون.

Read Previous

ايران آمريڪا کان اهم منظوري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

Read Next

پي ڊي ايم تحريڪ پنهنجي پاڻ ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي: وزيراعظم

Most Popular