پي ڊي ايم تحريڪ پنهنجي پاڻ ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم تحريڪ پنهنجي پاڻ ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي، استعيفيٰ ڏيڻ وارا هاڻ استعيفائن کان ڀڄي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جي اجلاس دوران ڪيو. اجلاس دوران موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي جي آرٽيڪل 23 تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ سينيٽ چونڊن جي اوپنگ بيلٽنگ تي اتفاق ڪيو هو، اڄ ٻئي جماعتون ماضي ۾ ڪيل پنهنجي ئي معاهدي کان انڪاري آهن. اجلاس ۾ لينڊ مافيا جي خلاف جاري آپريشن تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم لينڊ مافيا خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ وڏا قبضا مافيا موجود آهن، قبضا مافيا جي خلاف ڪارروائي ڪئي ته معلوم ٿيو ته مسلم ليگ (ن) جا ايم اين ايز ان ۾ شامل آهن. پي ڊي ايم متعلق وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي تحريڪ پاڻ ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي، استعيفا ڏيڻ وارا هاڻ استعيفائن کان ڀڄي رهيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو وري واضح انداز ۾ چيو ته ڪير به احتساب کان ڀڄي نٿو سگهي، مون پاڻ عدالت ۾ هر شئي پيش ڪئي، پي ڊي ايم جو سربراهه ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو امير مولانا فضل الرحمان نيب ۾ ان لاءِ پيش نٿو ٿئي ته ان وٽ ڪوبه جواب ناهي.

Read Previous

پاڪستاني اداڪارائون به مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ

Read Next

ڪرسمس جون خوشيون ملهائيندي ڪورونا کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪيون وڃن:صدر عارف علوي

Most Popular