قاضي احمد شھر توڙي پسگردائيءَ جي واري علائقي جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف يوٿ اسٽرگل الائنس وجود ۾ اچي ويو

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد شھر توڙي پسگردائيءَ جي واري علائقي جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف يوٿ اسٽرگل الائنس وجود ۾اچي ويو جنهن ۾شھر جي ڪيترن ئي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي حمايت کان پوءِ الائنس جي اڳواڻن ڪامران چانڊيو ملنڱ جتوئي مولوين امير ساجدي ۽ٻين دوستن سان گڏجي پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ھن الائنس جو مقصد اسان جي ٽن اھم نڪتن تي مشتمل آهي جنهن جي حل ڪرائڻ لاءِ اسان ڪوششون وٺندا سين جن پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ سنڌ جي شاگردن ۽شاگردياڻين جي سيٽن تي ٻاهر جي شاگردن کي پاس ڪري سنڌ جي شاگردن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ وارو عمل ناقابل برداشت آهي اھڙي ناانصافي ھرگز قبول نه ڪئي ويندي ٻيو اسان وٽ تعليم جي تباهي جو ڪارڻ سرڪاري اسڪولن جو آهي جنهن سبب پرائيويٽ اسڪول جام کلي ويا آهن ھنن چيو ته جتي ھڪ اسڪول ۾80 ٻارھن استاد ھڪڙو ھجي اتي پڙھائي ڪھڙي ٿيندي اڄ به اسان جا اسڪول وڏيرن جا گودام بنيل آھن مھانڱائي جي دور ۾ مزدوري ٻچن کي ماني ويلو ن ٿو کارائي سگهي اھو ڳريون فيسون ڪئين برداشت ڪندو اسپتال جو حال اھو آھي جيڪو اڳ ھو غريب کي پيناڊول ڪون ٿي ملي وڏيرن جي ماڻهن کي فون تي سڀ ڪجھ مليو وڃي اسان پڇون ٿا ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ وڃي ڪاڏي ٿي ھنن چيو ته اسان ھن الائنس ذريعي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪنداسين ۽حق وٺي رھندا سين ان موقعي تي الائنس جاڪيترائي ڪارڪن گڏ ھئا

Read Previous

سنڌ جو آءِ جي اغوا نه ٿيو هو: مرتضيٰ وهاب

Read Next

مونکي ۽ منهنجي خاندان کي حسين بخش لاشاري، حيدر لاشاري، شاهجهان لاشاري، شاهنواز لاشاري جيڪي علي آباد ضلع ڄامشورو جا رهواسي آهن

Most Popular