مونکي ۽ منهنجي خاندان کي حسين بخش لاشاري، حيدر لاشاري، شاهجهان لاشاري، شاهنواز لاشاري جيڪي علي آباد ضلع ڄامشورو جا رهواسي آهن

اوڏيرولال جي سينيئر صحافي سڪندر ساهووال پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مونکي ۽ منهنجي خاندان کي حسين بخش لاشاري، حيدر لاشاري، شاهجهان لاشاري، شاهنواز لاشاري جيڪي علي آباد ضلع ڄامشورو جا رهواسي آهن انهن مان جاني خطرو آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ڀاڻيجي تهمنيه ۽ ڀاڻيجو ساجد علي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ منهنجي ڀاڻيجيءَ تهمينه جا وارث پيءُ حسين بخش لاشاري، چاچو حيدر بخش لاشاري ۽ سندس ڀائر هر هڪ شاهجهان، شاهنواز ۽ ڪجهه ٻيون برادريون منهنجي گهر تي حملو ڪري گهر ۾ تقريبن اٺن ڪلاڪن تائين قبضو ڪري ويهي رهيا هئا ۽ انهن ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اسان ملڪ اسد سڪندر ۽ سي ايم سنڌ جا ماڻهو آهيون اسان کي ڇوڪري تهمينه ڌيءَ حسين بخش لاشاري هڪ ڪلاڪ جي اندر واپس نه ڪئي وئي ته اسان ڪجهه ڪري به سگهون ٿا. جنهن بعد ڪجهه برادري جي ماڻهن سميت چڱن مٺن وچ ۾ پئي هنن کي منهنجي گهر مان هٽائي واپس ڪيو. پر هو اُهي ڌمڪيون ڏيندا ويا ته آچر تائين اوهان کي مهلت آهي ٻي صورت ۾ سر جو بدلو سر وٺنداسين ۽ مون اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي پڻ روبرو ڏنو هو پر هوءَ پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي چيو ته ڇوڪريءَ جو هٿ کپي نه ملي ته وڏي خونريزي سان گڏ توکي به مارينداسين ۽ تنهنجن نياڻين کي پڻ اغوا ڪري وينداسون. جڏهن ته ساڳئي ڏينهن رات جو هنن ٻيهر اچي منهنجي در جا تالا ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري منهنجن نياڻين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڙي وارن حملي آورن کي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪير به نه آهي، جنهن کان پوءِ هو واپس هليا ويا ۽ مٿي ڄاڻايل مونکي مختلف نمونن سان ٿريٽ ڏيئي رهيا آهن ته توکي ۽ تنهنجن پٽن کي مارينداسين ۽ تنهنجن نياڻين کي به اغوا ڪنداسين. آئون اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته مون کي ان معاملي جي ڪابه خبر نه آهي ته هنن ڪيئن ۽ ڪٿي شادي ڪئي آهي، منهنجي ڊي آئي جي حيدرآباد، آر پي او حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري ۽ ايس ايڇ او اوڏيرولال اسٽيشن کي اپيل آهي ته هو قدم کڻي مونکي ۽ منهنجي خاندان کي تحفظ فراهم ڪن، جيڪڏهن آچر ڏينهن ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان جي ذميواري مٿي ڄاڻايل ڌرين ۽ مٿي ڄاڻايل انتظاميه تي هوندي.

Read Previous

قاضي احمد شھر توڙي پسگردائيءَ جي واري علائقي جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف يوٿ اسٽرگل الائنس وجود ۾ اچي ويو

Read Next

لاڙڪاڻي : پاڪستان زندھ آباد آرگنائيزيشن پاران قائد اعظم محمد علي جناح جي 144 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي

Most Popular