خيرپور ناٿن شاھ : اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ ۾ ھيرا ڦيري ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

خيرپور ناٿن شاھ : اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ ۾ ھيرا ڦيري ڪرڻ واري عمل خلاف بي اين ٽي اڳواڻ ڪامريڊ سھيل چانڊيو، اعجاز ٻٻر، عيسا چانڊيو، منظر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ پورھيت مزاحمت سٿ جي بلاول ڀرڳڙي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي عاطف ملاح، ڪاشف چانڊيو، متاثر ٿيل شاگردن ڪامريڊ ڪامران چانڊيو، وڪيل احمد ٻٻر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ريلي پريس ڪلب اڳيان جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي، جنھن کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پي ايم سي سنڌ جي شاگردن جي رزلٽ ۾ ھيرا ڦيري ڪري سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل کي اونداھون بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي وفاق جي ان عمل کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ان موقعي تي وفاق خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته ھن سال ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ ميرٽ جي سرعام لتاڙ ڪئي وئي آھي ۽ پاس شاگردن جي سيٽ نمبرن تي ٻين صوبن جي شاگردن کي پاس ڪري اھليت ۽ محنت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي ھنن چيو ته آئين 18 ترميم بعد اھو حق صوبن حوالي آھي مگر وفاق زبردستي آئين کان مٿاھون قدم کڻي وفاق صوبن جي عوام وچ ۾ نفرتون پئدا ڪري رھيو آھي ھنن چيو ته ھٿرادو ٽيسٽ جي نتجن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي : پاڪستان زندھ آباد آرگنائيزيشن پاران قائد اعظم محمد علي جناح جي 144 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي

Read Next

سجاول:سجاول ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات خلاف شھرين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنھن ۾ منشيات خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

Most Popular