لاڙڪاڻي : پاڪستان زندھ آباد آرگنائيزيشن پاران قائد اعظم محمد علي جناح جي 144 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان زندھ آباد آرگنائيزيشن ضلعي لاڙڪاڻي طرفان پريس ڪلب ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 144 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ تنظيم جي سينٽرل ڪوآرڊينيٽر حڪيم صفي الله ميراڻي، وائيس چيئرمين سنڌ آغا سيال، نظر محمد لهر، وزير علي چانڊيو، ساجد علي منگي ۽ ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح وڏي جدوجهد ڪري ۽ قربانيون ڏئي اسان کي پاڪستان جهڙو آزاد ملڪ ڏياريو، اسان ملڪ جي باني کي 144 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هنن چيو ته آزادي وڏي نعمت آهي، ان جو قدر ڪرڻ گهرجي اسان کي خوشي ۽ فخر آهي ته اسان پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جا شهري آهيون.

Read Previous

مونکي ۽ منهنجي خاندان کي حسين بخش لاشاري، حيدر لاشاري، شاهجهان لاشاري، شاهنواز لاشاري جيڪي علي آباد ضلع ڄامشورو جا رهواسي آهن

Read Next

خيرپور ناٿن شاھ : اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ ۾ ھيرا ڦيري ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular