حافظ طاهر اشرفي جي مولانا فضل الرحمان مٿان سخت تنقيد

اسلام آباد:   وزيراعظم عمران خان جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي پارٽي ۾ جمهوري رويي کي پروان چڙهايو. مفاد پرستي جي سياست ڪندڙن جي قوم کي سڄي خبر آهي. خانگي چينل سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي علامه اطاهر اشرفي جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان کي نظرياتي اختلاف هو ته مولانا شيراني کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڇو ڪرايو؟.  هن چيو ته فضل الرحمان جو مولانا شيراني سان شخصي تڪرار  آهي. مولانا غلام غوث بزاروي کان وٺي هينئر تائين جي سمورن ماڻهن سان مولانا جو سلوڪ سڀني جي سامهون آهي.  مولانا طاهر اشرفي چيو ته گروپ بندي، پارٽي اڳواڻن جي توهين ۽ شخصيت پرستي کي ڪنهن  هٿي ڏني؟ جمهوريت جو نالو کندڙن کي پنهنجن ساٿين جو اختلاف راءِ برداشت نٿو ٿئي.

Read Previous

بلوچستان ۾ ايف سي پوسٽ مٿان دهشتگردن جو حملو، 7 جوان شهيد

Read Next

لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي روڊن تي گهلڻ جو اعلان ڪرڻ وارا اڄ هڪ ٻئي جا مهمان بڻجي ويا: شبلي فراز

Most Popular