لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي روڊن تي گهلڻ جو اعلان ڪرڻ وارا اڄ هڪ ٻئي جا مهمان بڻجي ويا: شبلي فراز

اسلام آباد:    سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي روڊن تي هڪ ٻئي کي گهلڻ جو اعلان ڪندڙ اڄ هڪ ٻئي جي گهرن جا مهمان بڻجي ويا آهن ۽ اهائي انهن جي اصليت آهي.  سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اڄ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي شهيد جي روح کي تڪليف پهچي رهي هوندي ته ان جي فلسفي ۽ نّظريات جا بدترين مخالف اڄ انهن جي گهر ويٺل آهن.  سينيٽر شبلي فراز جو چوڻ هو ته مريم نواز جو لاڙڪاڻي وڃڻ(مٿان کان جهيڙو اندر ۾ ڀيڻ ڀاءُ) جي تاريخي حقيقت جو چٽو ثبوت آهي. هي عوام جي سامهون ڪجهه ۽ پٺيان ڪجهه ٻيا آهن. هنن جو ايجنڊا پنهنجي ذات کان شروع ٿي پنهنجي ذات تي ئي ختم ٿي ويندو آهي هنن وٽ عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي.  وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ جڏهن به ڪرپشن، ٻه نمبري، هارس ٽريڊنگ، ڇانگا مانگا، چمڪ ۽ بريف ڪيس جو نالو ايندو ته نواز شريف جو نالو ضرور ايندو. عمران خان عوام جو تابعدار، چورن ۽ ڦورن لاءِ ٿاڻيدار آهي.

Read Previous

حافظ طاهر اشرفي جي مولانا فضل الرحمان مٿان سخت تنقيد

Read Next

شهيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي، بلاول ڀٽو ۽ مريم نوازاسٽيج تي موجود

Most Popular