بلوچستان ۾ ايف سي پوسٽ مٿان دهشتگردن جو حملو، 7 جوان شهيد

ڪوئٽه:     بلوچستان جي علائقي  هرنائي ۾ فرنٽيئر ڪور(ايف سي) بلوچستان جي پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب چيڪ پوسٽ تي حملو گذريل رات ڪيو ويو ۽ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 اهلڪار به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ نائب صويبدار گلزار، سپاهي فيصل، سپاهي عبدالوڪيل، سپاهي شير زمان، جمالي عبدالرئوف ۽ فقير محمد شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن کي  فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ علائقي جو گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن جو سلسلو به جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بزدلاڻي ڪارروائي ڪندڙ دهشتگردن کي بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ نه ڏينداسين.

Read Previous

سانگهڙ: انور حسين بخاري ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو

Read Next

حافظ طاهر اشرفي جي مولانا فضل الرحمان مٿان سخت تنقيد

Most Popular