مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ جي ٽيم 421 رنسن تي آئوٽ

ويلنگٽن:   پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي  ٻئين ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي. نيوزيلينڊ 431 رنسن تي سمورا  رانديگر آئوٽ ٿي ويا. نيوزيلينڊ جي ترنگا شهر ۾ کيڏيل پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٽيسٽ سيريز جو پهريون ميچ جاري آهي. مائوٽ منگنوئي ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 431 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستاني بالر شاهين شاهه آفريدي 4 ۽ ياسر شاهه 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته محمد عباس، نسيم شاهه ۽ فهيم اشرف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  نيوزيلينڊ جو رانديگر ڪين وليمسن 129 رنسون ۽ بي جي وائلنگ  37 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته قومي ڪرڪيت ٽيم ميزبان ٽيم جي خلاف ٽاس کٽي پهريان  فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو. ڪپتان قومي ٽيست ٽيم محمد رضوان چيو ته رانديگر پراعتماد آهن. سٺي راند پيش ڪنداسين. ٽاس کان اڳ ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي رونمائي به ڪرائي وئي هئي.

Read Previous

واٽس ايپ نئين سال ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

آمريڪي رياست الينوائي ۾ فائرنگ ٽي ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

Most Popular