واٽس ايپ نئين سال ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لنڊن:    واٽس ايپ نئين سال جي موقعي تي پنهنجي خدمتن ۾ 3 وڏيون تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب انسٽنٽ ميسيجنگ جي مشهور ترين ويب سائٽس واٽس ايپ 2021 ۾ ڪيتريون ئي اهم تبديليون ڪرڻ جوفيصلو ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته انهن مان ڪيتريون تبديليون هلندڙ سال ڪرڻ جو امڪان هو پر ڪورونا وبا سبب پيدا ٿيندڙ عالمي بحران جي ڪري 2020 ۾ ڪجهه تبديليون ملتوي ڪيون ويون هيون. هاڻ واٽس ايپ ڪيتريون ئي تبديليون ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري ورتي آهي پر ان ۾ اهم ترين تبديلي اها آهي ته واٽس ايپ ويب تي به ڪال ۽ وڊيو ڪال جي سهوليت ڏني ويندي. ان حوالي سان خبرون ڏيندڙ اداري سان ڳالهيون ڪندي واٽس ايپ جي ترجمان اعلان ڪيو هو ته ايندڙ سال واٽس ايپ اها سروس متعارف ڪرائيندو ۽ ان سروس کي متعارف ڪرائڻ کان پوءِ واٽس ايپ وڊيو ڪالنگ ايپ زوم ۽ گوگل ميٽ جي ٽڪر تي اچي سگهي ٿو. پرائيوسي بابت واٽس ايپ جي شرطن ۾ تبديلي فيبروري تائين جو امڪان آهي. ان حوالي سان اڃان تائين ڪابه واضح تبديلي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي پر سمورن صارفين کي ان شرط کي مڃڻ ضروري هوندو. ان کان علاوه ايندڙ سال واٽس ايپ هڪ ئي اڪائونٽ مان ڊيوائسز کي استعمال ڪرڻ جي سهوليت ڏيڻ جي لاءِ به منصوبه بندي ڪري رهيو آهي. ٽيڪنالاجي معاملن جي ماهرن موجب ڪورونا وبا کان پوءِ فاصلاتي رابطن، وڊيو ڪالنگ وغيره ۽ وڌندڙ اهميت ۽ ضرورت سبب هن شعبي ۾ ايندڙ سال ڪيتريون ئي تيز رفتار تبديلين جو امڪان آهي.

Read Previous

شهيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي، بلاول ڀٽو ۽ مريم نوازاسٽيج تي موجود

Read Next

مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ جي ٽيم 421 رنسن تي آئوٽ

Most Popular