آمريڪي رياست الينوائي ۾ فائرنگ ٽي ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

واشنگٽن:    آمريڪي رياست الينوائي ۾ فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي رياست الينوائي ۾ هڪ شخص بائولنگ  ڪلب ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي پر فوري طور تي فائرنگ ڪرڻ جو سبب سامهون ناهي اچي سگهيو. پوليس شڪي شخص کي گرفتار ڪري جاچ شرروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ياد  رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي رياست ٽينسي جي شهر نيسٽويل ۾ ڪرسمس جي موقعي تي ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

Read Previous

مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ جي ٽيم 421 رنسن تي آئوٽ

Read Next

اداڪاره صنم جنگ ۽ ان جي ڌيءَ ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular