شادي جي پهرين سالگره تي اقراءِ عزيز ياسر حسين جي لاءِ ڇا چيو؟

لاهور: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙي اداڪاره اقراءَ عزيز ۽ مزاحيه اداڪار ياسر حسين جي شادي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. شادي جي پهرين سالگره تي اداڪاره اقراءَ عزيز انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن سان پنهنجي مڙس  ياسر حسين جي لاءِ خوبصورت پيغام شيئر ڪيو. اقراءَ عزيز پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته شادي جي سالگره مبارڪ هجي. ببزو! اقراءَ عزيز وڌيڪ چيو ته ياسر منهنجي لاءِ ايترو خاص آهي جو ان کي لفظن ۾ بيان ئي نٿو ڪري سگهجي. اداڪاره چوي ٿي ته ياسر مون کي تمام گهڻو پيار ڏنو ۽ منهنجو تمام گهڻو خيال رکيو. اوهان منهنجا ساٿي، منهنجا دوست ۽ منهنجا سڀ ڪجهه آهيو.  هن چيو ته اوهان مون کي دنيا کي هڪ نئين انداز سان ڏسڻ سيکاريو، اوهان منهنجي زندگي  جا مثبت پهلو آهيو. هميشه مسڪرائيندا رهو. اداڪاره اقراءَ عزيز پنهنجي پيغام جي آخر ۾ مڙس ياسر حسين سان پنهنجي محبت جو اظهار به ڪيو. اداڪاره جي پوسٽ تي ساٿي اداڪارن طرفان جوڙي کي پهرين سالگره تي مبارڪباد پيش ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

”ڪالهه بينظير ڀٽو کي حقيقي معنيٰ ۾ ماريو ويو“

Read Next

سعودي عرب برطانيه سان سفري پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي

Most Popular