رياض: : سعودي عرب برطانيه سان سفري پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. عرب ميڊيا موجب برطانيه سان زميني، هوائي ۽ سامونڊي رابطا وڌيڪ هڪ هفتي جي لاءِ معطل رهندا. عرب ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پابندين ۾ واڌ نئين قسم جي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي هئي البته سعودي عرب مان پرڏيهين کي وڃڻ جي اجازت هوندي.