ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 1 ڏينهن دوران 55 فوتگيون، 1974 ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: :  پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وگهي 55 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ 1974 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته ڪورونا 19 جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.13 سيڪڙو ٿي وئي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 39 هزار 488 ٿي ويو آهي ۽ هينئر تائين 9 هزار 929 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 32 هزار 205 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ وبا پکڙجڻ کان پوءِ کان وٺي هينئر تائين ڪيل ٽيسٽن جو انگ 65 لک 89 هزار 317 ٿي ويو آهي. ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 4 لک 73 هزار 309 ٿي ويو آهي.  سنڌ ۾ 2 لک 11 هزار 276، پنجاب هڪ لک 36 هزار 147 ڪيس، خيبرپختونخواهه 57 هزار 467، بلوچستان ۾ 18 هزار 082 ڪيس، اسلام آباد 37 هزار 272، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 850 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جا 8 هزار 215 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 23 هزار 892 ٿي ويو آهي. 2263 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ انهن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.  اين سي او سي موجب هاڪاري ڪيسن جي شرح جي لحاظ سان ايبٽ آباد سڀني کان اڳيان آهي جتي شرح 15.95 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ڪراچي 14.81 سان ٻئين ۽ حيدرآباد 14.47 سيڪڙو سان گڏ ٽئين نمبر تي آهي. آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا 19 جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 12.54، بلوچستان ۾ 2.71 ۽ اسلام آباد ۾ 5.94 سيڪڙو آهي. گلگت بلتستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪوبه مريض سامهون ناهي آيو. جتي هاڪاري ڪيسن جي شرح ٻُڙي سيڪڙو رهي. پنجاب ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.06 ۽ سنڌ ۾ 8.61 سيڪڙو سامهون آئي.

Read Previous

سعودي عرب برطانيه سان سفري پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي

Read Next

مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: پاڪستان جي سموري ٽيم ٻه سئو اوڻيتاليهه رنسن تي آئوٽ

Most Popular