مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: پاڪستان جي سموري ٽيم ٻه سئو اوڻيتاليهه رنسن تي آئوٽ

ويلنگٽن: نيوزيلينڊ جي خلاف مائونٽ منگنوئي  ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم 239 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي.  ميچ جي ٽئين ڏينهن جا شروعاتي ٻه سيشن برسات سبب متاثر رهيا. جڏهن ته چانهه جي وقفي کان ڪجهه منٽ اڳ برف جا ڳڙا پوڻ سبب ميچ روڪيو ويو ۽ چانهه جو وقفو ڏنو ويو. پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 30 رنسون هڪ رانديگر آئوٽ تي شروع ڪئي پر نيوزيلينڊ جا بالر ميچ تي ڇانيل رهيا. هڪ ٻئي جي پٺيان پاڪستان جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. پاڪستان جي اڌ ٽيم صرف 50 رنسن تي پويلين موٽي وئي ۽ پاڪستان کي ڇهون نقصان 80 رنسن تي ٿيو. پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز جي شروعات سست رفتاري سان ڪئي. تجربيڪار  رانديگر اظهر علي صرف پنج رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. شان مسعود 10، محمد عباس 5، عابد علي 25، حارث سهيل 3 ۽ فواد عالم 9 رنسون ٺاهي سگهيو.  قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ۽ فهيم اشرف ذميوارانه بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان کي فالو آن کان بچايو ۽ ٻنهي رانديگرن جي وچ ۾ ستين وڪيٽ جي لاءِ 107 رنسن جي پارٽنر شپ ٿي.  محمد رضوان 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته فهيم اشرف 15 چوڪن۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 91 رنسن جي اننگز کيڏي. ياسر شاهه 4 ۽ شاهين آفريدي 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. نيوزيلينڊ طرفان ڪائل جيميسن 3 جڏهن ته ٽم سائوٿي، ٽرينٽ بولٽ ۽ نيل ويڪٽر ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.  ياد رهي ته نيوزيلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 431 رنسون ٺاهيون هيون جنهن ۾ ڪپتان ڪين وليمسن جون 129، راس ٽيلر جون 73 ۽ هنري نڪولس جون 73 رنسون به شامل هيون.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 1 ڏينهن دوران 55 فوتگيون، 1974 ڪيس رپورٽ

Read Next

پي ڊي ايم جي استعيفائن وارو معاملو ايڪٽيهه ڊسمبر کان ايڪٽيهه جنوري تائين هليو ويو: شيخ رشيد

Most Popular