پي ڊي ايم جي استعيفائن وارو معاملو ايڪٽيهه ڊسمبر کان ايڪٽيهه جنوري تائين هليو ويو: شيخ رشيد

اسلام آباد: :  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اپوزيشن سينيٽ چونڊن ۽ ضمني چونڊن ٻنهي ۾ حصو وٺندي.  رپورٽ موجب گهرو وزير شيخ رشيد احمد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياسي گرمي پد گهٽ ٿيندي ڏسي رهيو آهيان. حالتون اهي ناهن جيڪي نظر  اچي رهيون آهن.  استعيفائن جو معاملو 31 ڊسمبر کان 31 جنوري تائين هليو ويو آهي. پي ڊي ايم جي ڌمڪين سان عمران خان 31 ڊسمبر ته ڇا پر 31  مارچ تائين به استعيفيٰ نه ڏيندو.   گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پوري اميد آهي ته اپوزيشن سينيٽ  ۽ ضمني چونڊن ٻنهي ۾ حصو وٺندي اپوزيشن ۾ استعيفائن تي اختلاف ۽ لانگ مارچ تي اتفاق آهي. استعيفيٰ ڏيڻ جي بجاءِ اپوزيشن لانگ مارچ  ڪندي. هن چيو ته جڏهن اچڻو آهي اچو. اپوزيشن جيڪڏهن قانون کي هٿ ۾ کنيو ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.

Read Previous

مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: پاڪستان جي سموري ٽيم ٻه سئو اوڻيتاليهه رنسن تي آئوٽ

Read Next

وزيراعظم ملڪ ۾ گيس لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular