وزيراعظم ملڪ ۾ گيس لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

عمران خان

اسلام آباد: :  وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي اختيارين کان بريفنگ طلب ڪري ورتي آهي.  وزيراعظم عمران خان گيس لوڊشيڊنگ جي معاملي تي اختيارين کان بريفنگ وٺڻ جي لاءِ توانائي جي معاملن تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، خاص معاون، صلاحڪار ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪندا. جنهن ۾ وزيراعظم کي گيس جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.  گيس جي کوٽ تي قابو ڪرڻ لاءِ  کنيل قدمن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويندو. توانائي شعبي ۾ ڪيل اصلاحن تي به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ويندي.  صنعتن کي بجلي، گيس جي فراهمي تي به اجلاس کي آگاهي ڏني ويندي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۽ کوٽ بابت به بريفنگ ڏني ويندي.

Read Previous

پي ڊي ايم جي استعيفائن وارو معاملو ايڪٽيهه ڊسمبر کان ايڪٽيهه جنوري تائين هليو ويو: شيخ رشيد

Read Next

ڊيره غازي خان : مسافر وين سان حادثو، 7 ڄڻا فوت

Most Popular