ڊيره غازي خان : مسافر وين سان حادثو، 7 ڄڻا فوت

ڊيره غازي خان: :  ڊيره غازي خان ۾ مسافر  وين تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري راکهي گاج ويجهو اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پئي جنهن سبب پيءُ پٽ سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.  جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب فورٽ منرو کان ڊيره غازي خان ايندڙ مسافر وين کي حادٿو رود زبون حال هجڻ سبب پيش آيو. رياض ولد ايوب، محمد وقاص ولد اسلام، وزير ولد شير دل، امتياز ولد احمد بخش، قسمت خان ولد فاروق ان جو پٽ محمد اربا ولد قسمت خان ۽ هڪ نامعلوم شخص ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جنهن جا مڙهه مقامي ماڻهن ۽ بارڊر پوليس ملي ڪڍي ورتا. گاڏي جي ڊرائيور مهربان ولد عبدالرحمان سميت ٻين زخمين کي اونهي کاهيءَ مان ڪڍڻ جو ڪم رات دير تائين جاري رهيو. اونداهه ۽ ڪوهيڙو هجڻ سبب امدادي ڪاررواين ۾ سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.

Read Previous

وزيراعظم ملڪ ۾ گيس لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

پنوعاقل : سنڌ جي شهيد راڻي اڳوڻي پاڪستان جي عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي بوزدار هائوس تي ملهائي وئي

Most Popular