پنوعاقل : سنڌ جي شهيد راڻي اڳوڻي پاڪستان جي عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي بوزدار هائوس تي ملهائي وئي

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) سنڌ جي شهيد راڻي اڳوڻي پاڪستان جي عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي هر سال جيان هن سال به 13هين ورسي بوزدار هائوس تي پ پ پ تعلقي پنوعاقل جي اڳواڻ بابر مصطفيٰ بوزدار پاران ملهائي وئي شهيد راڻي ۽ جمهوريت جي شهيدن جي روح کي ايثال ثواب ڏيارڻ لاءِ قرآن خواني بعد 12 کان 3 وڳي تائين رٿيل تقريب ۾ خيرات ۽ لنگر هلايو ويو جنهن ۾ پ پ پ ڪارڪونن توڙي عوام جي وڏي انگ سميت بوزدار خاندان سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ پ پ پ اڳواڻن لياقت علي خالدي، ميان عبدالقوي انڍڙ، شبير احمد شيخ، عبدالرزاق ڌاريجو، حافظ عزيز الله ڀٽو ۽ ٻين به وڏي پئماني تي شرڪت ڪئي هنن شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي زندگي سميت پارٽي ملڪ قوم لاءِ ڏنل قربانين ۽ جدوجهد تي پڻ روشني به وڌي! بابر مصطفيٰ بوزدار چيو ته اسين ڀٽو خاندان جا ادنا ڪارڪون آهيون ڳڙهي خدابخش جي شهيدن پاران عوام لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگھنداسين پنهنجي خانداني روايتون موجب ساھ جي آخري گھڙي تائين عوامي جمهوريت حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين

Read Previous

ڊيره غازي خان : مسافر وين سان حادثو، 7 ڄڻا فوت

Read Next

مٽياري : استادن پاران لاڙڪاڻي رليو ڪيل ماسترن جي حق ۾ احتجاج ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نعريبازي

Most Popular