نوابشاهه : درگاهه سخي گهُمڻو پير جي صحن ۾ مچ ڪچهري ڪئي وئي

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) نوابشاهه ۾ درگاهه سخي گهُمڻو پير جي صحن ۾ ڊسمبر جي سرد رات جو ٻرندڙ مچ تي مچ ڪچهري شاعرن ۽ سُگهڙن مجاز تصوف ۽ سنڌ امڙ جي عشق سان سرشار شاعري جا واهڙ وهايا راڳين ۽ ڪلاڪارن سُرن ۽ آوازن سان سج اُڀاري ڇڏيو نوابشاهه دوڙ روڊ تي قائم مشهور روحاني بزرگ حضرت سخي گهمڻو پير جي مهاوار 11هين جي نسبت سان ڊسمبر جي پڇاڙڪي رات جو مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي انهي موقعي تي ٺرندڙ رات جو باهه جا مچ مچائي سوين درگاهه جي عقيدتمندن عاشقن، سالڪن ۽ فقيرن درگاهه جي آگنڌ ۾ منعقد ڪيل مچ ڪچهري ۾ باهه جا ڀڀڙ ٻاري ٺرندڙ رات کي گرمائي ڇڏيو جڏهن ته مچ ڪچهري جي صدارت مشهور صوفي منش شاعر پير شبير شوق ڪئي خاص مهمان نامور شاعر، اديب، صحافي فقير فياض چنڊ ڪليري هو انهي موقعي تي نوابشاهه پريس ڪلب جي سينئر صحافين اياز ڏاهري ۽ امداد مغيري ٽيم سان گڏ خصوصي شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي پير شبير شوق چيو ته سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو پيغام انسانيت سان محبت ڪرڻ ۽ ڌرتي ماءُ تي امن قائم ڪرڻ جو پيغام رهيو آهي، فياض چنڊ ڪليري پنهنجي خصوصي ليڪچر ۾ چيو ته ڪجهه سال اڳ جڏهن سنڌ جي عظيم تهذيب تمندن ۽ لازوال ثقافت جي ويرين سنڌ امڙ جي تهذيب ۽ سڀيتا تي ٽوڪون ڪيون تڏهن سموري سنڌ ثقافت جي رنگن ۾ رڱجي عالم اقوام آڏو سنڌ جي اصل قدرن، اثاثن ۽ بنيادي وکرن جو بيانيو شعرن، بيتن، لباس، رقص ۽ گفتن ذريعي پيش ڪري اهو واضح ڪيو ته سنڌ امڙ ازل کان وٺي مذهبي بنياد پرستي انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي نندا ڪندڙ امن، محبت، مهمان نوازي، ڀائيچاري، انساني آجپي ۽ مذهبي رواداري جو پيغام ڏيندڙ وطن رهي آهي هن چيو ته انهي ثقافتي شعور جي بيداري کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جون اوطاقون، اولياهن جو درگاهون پنهنجي اصل جوهر ڏانهن رجوع ٿيون آهن انهي موقعي تي ناميارين شاعرن قادر فقير رند، پير امير علي، سيلاني چانڊيو، جاويد فراقي، فقير شير ڇٽو، ابراهيم سولنگي ۽ ٻين تصوف، مجاز ۽ سنڌ امڙ جي سونهن ۽ سڀيتا جي رنگن سان سرشار شاعري پيش ڪري زبردست داد وصول ڪيو جڏهن ته ناميارين فنڪارن معشوق علي هاجاڻو، عنايت حسين خاصخيلي، خالد نوابشاهي، محمد صادق ڀُڪ ۽ ٻين زبردست ڪلام ڳائي محفل کي وجد ۾ آڻي ڇڏيو صوفياڻين ڪلامن ۽ ڌمالن تي درگاهه جا مست فقير زبردست رقص ڪندا رهيا آخر ۾ درگاهه جي خدمت گذار فقير علي شير حيدري آيل سمورن مهمانن جا ٿورا مڃيا.

Read Previous

ڪڪڙ ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ لاڙڪاڻي واسي نوجوان زخمي

Read Next

خيرپور ناٿن شاھ : ڳوٺ لڌاڻ ۾ سياسي ۽ انساني حقن جي سماجي ڪارڪن ڪريمان بلوچ جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular