خيرپور ناٿن شاھ : ڳوٺ لڌاڻ ۾ سياسي ۽ انساني حقن جي سماجي ڪارڪن ڪريمان بلوچ جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

خيرپور ناٿن شاھ ڳوٺ لڌاڻ ۾ پورهيت مزاحمت ڪي اين شاه طرفان بلوچ سياسي ۽ انساني حقن جي سماجي ڪارڪن ڪريمان بلوچ جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, تفصيل موجب: ڪي اين شاهه لڳ ڳوٺ لڌاڻ ۾ پورهيت مزاحمت جي ڪارڪنن ماجد ٻگهيو , بلاول ڀرڳڙي, اسد نظام ۽ رستم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بلوچ سياسي ۽ انساني حقن جي سماجي ڪارڪن ڪريمان بلوچ جي بيرحماڻي قتل احتجاج مظاهرو ڪري ڪينيڊا حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪريمان بلوچ جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

نوابشاهه : درگاهه سخي گهُمڻو پير جي صحن ۾ مچ ڪچهري ڪئي وئي

Read Next

پنو عاقل ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال ڪرنل جاويد احمد ۽ ڊويزنل چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالله خان ڏاهري بي ڊي ايس سڪرنڊ جو دورو ڪيو

Most Popular