ڪڪڙ ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ لاڙڪاڻي واسي نوجوان زخمي

ڪڪڙ رپورٽ : غلام رسول ٻٻر ڪڪڙ ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ لاڙڪاڻي واسي نوجوان زخميخبر موجب : ڪڪڙ باءِ پاس مين روڊ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار موٽرسائيڪل سِلپَ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوان پورهيت وحيد علي ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪڪڙ پوليس زخمي حالت ۾ ڪڪڙ جي مقامي اسپتال کڻائي آئي ، زخمي لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني مڪان نمبر 325 / A محلا گجڻ پور جو رهواسي آهي ۽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي پورهيو ڪرڻ لاءِ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو

Read Previous

نوشهروفيروز : ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ پوری شھر جی روشن رستن گلین م گندگی ء شھرین کی مثو پاٹی فراھم نہ کرٹ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

نوابشاهه : درگاهه سخي گهُمڻو پير جي صحن ۾ مچ ڪچهري ڪئي وئي

Most Popular