پنو عاقل ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال ڪرنل جاويد احمد ۽ ڊويزنل چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالله خان ڏاهري بي ڊي ايس سڪرنڊ جو دورو ڪيو

سڪرنڊ ( رپورٽ اڪبرملاح ) پنو عاقل ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال ڪرنل جاويد احمد ۽ ڊويزنل چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالله خان ڏاهري بي ڊي ايس سڪرنڊ جو دورو ڪيو ان موقعي تي بينظير ڊسٽرڪٽ اسڪول سڪرنڊ جي پرنسپال ميڊم مسرت منظور چوهاڻ کين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بي ڊي ايس جي تعليم منفرد تعليم آهي هن اداري مان ٻار تعليم سان گڏ صحت مند سرگرمين سميت حسن اخلاق جو پيڪر ثابت ٿيندو هن چيو ته اسڪول جا ڪلاس شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ان شاء الله 10 جنوري تي جيئن سرڪار پاران اسڪول کولڻ جو حڪم جاري ٿيندو ته پهرين مرحلي ۾ پلي گرائونڊ ۽ بعد ۾ مڊل تائين جا ڪلاس شروع ڪيا ويندا ميڊم اهو به ٻڌايو ته اسڪول ۾ پڙهائيءَ سان گڏ ٻارن جي راند روند جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن لاءِ مختلف جهولا پڻ لڳايا ويا آهن جڏھن ته ماهر اسٽاف پڻ ڀرتي ڪيو ويو آهي هوڏانهن ڪرنل جاويد بي ڊي ايس جي معائني ڪرڻ بعد انتظامن جي ساراھ ڪئي .

Read Previous

خيرپور ناٿن شاھ : ڳوٺ لڌاڻ ۾ سياسي ۽ انساني حقن جي سماجي ڪارڪن ڪريمان بلوچ جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سڪرنڊ پريس ڪلب : سڪرنڊ شهر جي قديمي مشهور ڪلڪ قاضي دواخانہ ۾ آس جي مشهور ڊاڪٽرن پاران 2 روز مفت ڪيمپ لڳائي وئي

Most Popular