سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ضلعي ۾ پبلڪ لائبريرين کي فعال بڻائڻ جو اعلان

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ضلعي ۾ پبلڪ لائبريرين کي فعال بڻائڻ جو اعلان ڪندي ضلعي جي سمورن شهرن ۾ ڪتابي ميلا لڳرايا ويندا ته جئين معاشري ۾ ڪتابن جي مطالعي کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن اهڙو اظهار اڄ ضلعي پريس ڪلب سانگهڙ ۾ المهراڻ فائونڊيشن سانگهڙ طرفان لڳايل ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪندي ڪيو. ان. وقعي تي المهراڻ فائونڊيشن جو اڳواڻ عاجز منگي. صدر پريس ڪلب محمد حسن لانڊر جنرل سيڪريٽري پريس ڪلب هوش محمد منگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا چيو ته سندس انتظاميا جي اولين ڪوشش آهي ته عوامي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ عوام کي بنيادي سهولتن سان گڏ تفريحي موقعا پڻ فراهم ڪيا وڃن هن چيو ته ڪتابي ميلا لڳائڻ سان نوجوانن ۾ مطالعي جو رجحان وڌنڌو جنهن جي ملڪ کي هن وقت ضرورت آهي هن چيو ته ضلعي جا صحافي پنهنجي ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪندي جائز مسئلن جي نشاندهي ڪري رهي آهي جن سان انتظاميه جي رهنمائي ٿئي رهي آهي.

Read Previous

سکر : ايس ايڇ او پوليس سي سيڪشن جون بيگناهن جي خلاف ڪاروايون

Read Next

مٽياري : ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular