مٽياري : ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو


مٽياري رپورٽر مٽياري ضلعي ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي خبر موجب مٽياري ضلعي جي تعلقي نيو سعيدآباد جي يوسي ڀليڏنو ڪاڪا م واقع کتيرو ٻيلي جي 250 ايڪڙن تي مشتمل زمين ۽ ڍنڍ تي بااثر قبضو ڪري ويٺا آهن ڳوٺاڻن حاجي قيصر جمالي، جمیل احمد جمالي، غلام حسين جمالي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي ڳوٺ پاهڙ خان جمالي ديھ راهو ۽ ڪاڪا ۾ ٻيلي کاتي جي 250 زمين تي بااثر قبضو ڪري ويٺل آهي جيڪو اسان جي 300 کان وڌيڪ غريب ڳوٺاڻن تي ڪوڙيون ايف آء آرز داخل ڪرائي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڳوٺاڻن موجب ٻيلي جي زمين تي پاڻي ڇڏي مڇي رکي اسان جي جمالي برادري جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي رهيو آهي. اسان جي ڳوٺن مان ڍنڍ جي پاڻي جي نيڪالي لاء سپريم ڪورٽ جي حڪم سان 12 ڪروڙ جي لاڳت سان 2 ڊسپوزل لڳايا ويا آهن جن تي بااثر قبضو ڪري ڊسپوزل هلائڻ نه ٿو ڏئي جنهن سبب اسان غريبن جا ڳوٺ ٻڏي رهيا آهن اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٻيلي کاتي جي زمين تان بااثر جو قبضو ختم ڪرائي ڪوڙيون ختم ڪري اسان ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ضلعي ۾ پبلڪ لائبريرين کي فعال بڻائڻ جو اعلان

Read Next

سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي آزادي لا نڪتل سنڌ سڀا جي آزادي مارچ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular