سکر : ايس ايڇ او پوليس سي سيڪشن جون بيگناهن جي خلاف ڪاروايون

سکر(رپورٽ۔۔امداد علي گل ڪلوڙ) ايس ايڇ او پوليس سي سيڪشن جون بيگناهن جي خلاف ڪاروايون۔ ڊينٽر پينٽر ڪالوني جي پورهيت مسترين جو سي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو پورهيت ڪارين جي مستري نعمت الله کوسو ۔شعيب کوسو ۽ ٽيڪسي ڊرائيور عنايت کوسو کي بيگناھ گرفتار ڪري گم ڪرڻ ۽ هاف فرائي جو ڌمڪين جي دانهن ۔چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ ۔آء جي سنڌ۔ اي آء جي سکر ريجن ۔ڊي آء جي سکر کان ۔پوليس ايس ايس پي سکر انصاف جي گهر۔ ظالم ايس ايڇ او سي سيڪشن کي هٽايڻ جي گهر۔خبر موجب ڊينٽر پينٽر ڪالوني جي پورهيت مسترين محمد مقيم۔ خادم۔لال بخش دين محمد اسدالله کوسو۔هدايت الله کوسو۔وقار ۽ ٻين ڊينٽر پينٽر ڪالوني ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او سي سيڪشن پوليس ديدار ابڙو بيگناهن جي خلاف ڪاروايون ڪري رهيو آھي اسان جي ڊينٽر پينٽر ڪالوني جي پورهيت مستري نعمت الله کوسو ۔شعيب کوسو ۽ ٽيڪسي ڊرائيور عنايت کوسو کي ڪار سودو بيگناھ گرفتار ڪري گم ڪيو ۽ هاف فرائي جو ڌمڪيون ڏئي رشوت طلب ڪري رهيو آھي رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان جي پورهيت مسترين کي هاف فرائي ڪري ڇڏيندو احتجاج ڪندڙن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جا پورهيت مستري صبح جو ڪم لاء جيئن ئي گهر کان نڪتا ته ايس ايڇ او سي سيڪشن پوليس انهن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ۽ اسان کان رشوت طلب ڪئي آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ انهن کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ هاف فارائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيو آھن انهن ٻڌايو ته اسان پورهيت تمام گهڻا غريب آھيو رشوت نه ٿاڏئي سگهو۔ اسان سان انصاف ڪيو وڃي اسان جي مسترين کي ظاهر ڪيو وڃي ان لاء اسان ڪورٽ ۾ به ويا آھيو اسان جي چيف جسٽس هاء ڪورٽ سنڌ ۔آء جي سنڌ۔ اي آء جي سکر ريجن ۔ڊي آء جي سکر کان ۔پوليس ايس ايس پي سکر انصاف کان اپيل ٿا ڪريو ۽ ۔ ظالم ايس ايڇ او سي سيڪشن کي هٽايڻ جي گهر ٿا ڪريو اسان سان سان انصاف نه ٿيو ۽ اسان جي پورهيت مسترين کي بي گناھ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦسايو ويو ته اسان سکر پريس ڪلب تي بک هڙتال ڪنداسين سين

Read Previous

سوشل ميڊيا تي عائزه خان ۽ ايمن ۾ زبردست مقابلو

Read Next

سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ضلعي ۾ پبلڪ لائبريرين کي فعال بڻائڻ جو اعلان

Most Popular