سکر ۽ شڪارپور ضلعي جي وچ ۾ ڏاندن جي گوء جي آڙ ۾ لکين روپين جي روزانو بنياد تي جوا هلڻ لڳي

سکر ( رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۽ شڪارپور ضلعي جي وچ ۾ ڏاندن جي گوء جي آڙ ۾ لکين روپين جي روزانو بنياد تي جوا هلڻ لڳي؛ جنهن ۾ اندروني سنڌ جا وڏا وڏا جواري لکين روپين جي جوا کٽڻ ۽ هارائي رهيا ۽ ڪيترائي جواري گهر جو قيمتي سامان وڪرو ڪري ڪنگال شڪارپور توڙي سکر پوليس منٿلي مقرر ڪري اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي ان حوالي سان سماجي اڳواڻ خادم حسين لال بخش غلام سرور ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اندروني سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ جوا جو سکر ۽ شڪارپور حد ۾ مرڪز بڻيل آھي جنهن ۾ اندروني سنڌ حيدرآباد ؛ نوابشاه؛ دادو؛شھدادڪوٽ؛ شھدادڪوٽ؛ لاڙڪاڻو؛جيڪب آباد؛ ڪنڌڪوٽ ؛گهوٽڪي؛ خيرپور؛ نوشھرو فيروز؛ سميت ٻين شھرن کان وڏا وڏا جواري سکر ۽ شڪارپور ضلعي جي حد ۾ ٿيندڙ لکين روپين جي جوا کيڏڻ پهچن ٿا ۽ لکين روپين جي جوا ڏاندن جي گوء تي شرطون رکن ٿا هوڏانهن هڪ جواري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ جو بااثر وڏيري ۽ شھداد ڪوٽ جي بااثر وڏيري جي ڏاندن جي سامهون گوء رکيل هئي جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ جي بااثر وڏيري جو ڏاندن جو جوڙو راڪيٽ نالي ڏاندن جو جوڙو گوء ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ شھداد ڪوٽ جي بااثر وڏيري جو ڪٽو نالي ڏاند هارائي ويو جنهن تي لکين روپين جي گوء پڻ رکيل هئي هوڏانهن ڏاندن جي گوء ۾ حصو وٺندڙ عبدالسلام ٻڌايو ته گوء لاء آيل مجموعي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا شاهينگ کيسا ڪٽي ويندا آھن ۽ اعلي ڪوالٽي جون موبائل فونز ڪاغذات ۽روڪ رقم ڪڍي ويندا آھن ۽ اين سي داخل ڪرائڻ ويندا آھن ته شڪارپور توڙي سکر پوليس حد بندي نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي واپس ڪري ڇڏيندا آھن هوڏانهن سماجي اڳواڻن وڌيڪ ٻڌايو ته ڏاندن جي گوء ۾ لکين روپين جون شرطون هارائيندڙ جواري يا ته گهر جا قيمتي سامان سون؛ چوپايو مال سميت گهر ڀاتين سان جهيڙو ڪري زبردستي وڪرو ڪندا آھن ۽گهر ڪنگال ڪري ڇڏيا آھن يا ته رات جو ڦرون ؛ڌاڙا ۽ چوريون ڪري جوا لاء پئسا گڏ ڪندا آھن جنهن سان بدامني چوٽ چڙهيل آھي ۽ مالوند ماڻهو رات جو جاڳي راتيون گذارن ٿا ۽ رات جو روڊن تان هٿ کس لڳي پئي آھي سماجي اڳواڻن آئي جي سنڌ مشتاق مهر ۽ ايڊيشنل آئي جي سکرڪامران افضل کان پرزور مطالبوڪيو ته فورن سکر ۽ شڪارپور جي حد ۾ سماجي براين جو مرڪز بڻيل ڏاندن جي گوء بند ڪرائي علائقي واسين ۾ ڇانيل مايوسي ختم ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ ايڊيشنل آئي جي سکرآفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو!

Read Previous

سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي آزادي لا نڪتل سنڌ سڀا جي آزادي مارچ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سکرجي يوسي 10۾ صفائي جي صورتحال خراب، مدرسي منزل گاھ سکراڳيان گندگي جو ڏيک

Most Popular