سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي آزادي لا نڪتل سنڌ سڀا جي آزادي مارچ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشھروفيرز (ڊ ر) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي آزادي لا نڪتل سنڌ سڀا جي آزادي مارچ کي پوليس طرفان اوٻاوڙو وٽ روڪڻ خلاف نوشھرو فيروز پريس ڪلب اڳيان سياسي سماجي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اڳواڻن ياسر وسطڙو۔ عزيز ڀنگوار۔ وسيم راڄپر ۽ فلڪ سنڌي ڪري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو باء پاس تي سنڌ سڀا جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي لاء نڪتل پيادل لانگ مارچ جي پانڌيئڙن کي مختلف بهانا بڻائي پريشرائيز ڪرڻ سان گڏ ٿريٽ ڏنا پيا وڃن قافلي کي اوٻاوڙو وٽ پوليس ۽ سول ڪپڙا پھريل ماڻهن جو گھيراء اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔ هنن چيو ته هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پر ٻئي طرف پنهنجن پيارن جي آزادي لاء نڪتل قافلي کي روڪڻ ڪاٿان جو انصاف آھي۔ ھي قافلو مارچ ۾ شامل ماڻھن جي نه پر سموري سنڌ جو آواز آھي جنھن کي دٻائي نٿو سگھجي قافلي جي ھر ھڪ پانڌيئڙي جي سنڌي قوم محافظ آھي جيڪڏهن اهڙن بھادر ساٿين کي ڪو به نقصان پھتو ته سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي۔

Read Previous

مٽياري : ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سکر ۽ شڪارپور ضلعي جي وچ ۾ ڏاندن جي گوء جي آڙ ۾ لکين روپين جي روزانو بنياد تي جوا هلڻ لڳي

Most Popular