چين ۾ به ڪورونا جي نئين قسم جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

بيجنگ:   چين ۾ به برطانيه مان سامهون ايندڙ ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي پهرين ڪيس جي تصديق ٿي وئي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چين جي سينئر آف ڊزيزز ڪنٽرول جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي نئين قسم ۾ مبتلا عورت جو تعلق شنگهائي سان آهي.  چيني اختيارين موجب ڪورونا جي نئين قسم ۾ مبتلا عورت 14 دسمبر تي برطانيه مان چين آئي هئي.ياد رهي ته برطانيه ۾ ڪورونا جي نئين قسم سامهون اچڻ کان پوءِ چين برطانيه  مان ايندڙ اڏامن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.برطانيه مان سامهون ايندڙ ڪورونا جي نئين قسم آمريڪا، ڀارت، ڪينيڊا ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجي چڪي آهي.

Read Previous

اداڪاره ايمن خان ۽ منال خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

ڪوئي کي ھريڙ ھٿ آئي، ته پاڻ کي پنساري پيو سمجهي.

Most Popular