ڪوئي کي ھريڙ ھٿ آئي، ته پاڻ کي پنساري پيو سمجهي.

سيد غلام حيدر شاھ قلندري.

جڏھن ڪا رات پاڻ کي ڏينھن سمجھڻ جي غلطي ڪري وٺي، ھڪ انڌيري کي روشن چراغ سمجھڻ لڳي ته، يا ڪو ڏيو پاڻ کي سج سان مشابهت ڪرڻ لڳي،جيئن گدڙ شينھن لڳڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ڇڏي، ڪو خالي ڪرسي تي ويھي ان کي تختِ سلطنت سمجھڻ جو دوکو کائي وٺي، ڪو ٺڪري تي پير رکي ۽ چوي ته آئون سنگ مرمر تي چڙھيو ويٺو آھيان، جيڪڏھن ڪو سوشل ميڊيا تي پاڻ کي پرنس سڏائي خوابن ۽ خيالن ۾ محسوس ڪرائڻ لڳي، چڙھي گڏھ گاڏي تي چوي ته مرسڊيز ڪار پيو ھلايان، ائين ھن ڪوڙي دنيا کي جيڪڏهن ڪو حقيقي سمجھي عارضي واري ڳالھه ڀلجي ھن کي دائمي قرار ڏئي ھميشه رھڻ جي آرزو ڪري وٺي، بعد ۾ سڀ شرمندگيون ساڻ کڻجن ڪھڙو فائدو؟ ٿي نوڪر، ڪري مالڪ ٿيڻ جي دعويٰ، ھاري مان زميندار سڏائڻ جو شوق، پٽيوالي مان آفيسر ٿيڻ جي تمنا، چور سڏائي چوڪيدار ۽ کڻي پير چور جا ڪري ڀاڳئي کي چور، سرد ھوائن کي گرم ھوا سمجھي چلھ ۽ مچ کان اٿئي ته احساس به ٿئيس، مقصد ھر ڪنھن جي پنهنجي ماپ ۽ تور پيمائش ضروري آھي، ڪڏھن پاءُ جيڪڏھن سير ۽ ڪلو ٿيڻ جي ھام ھڻندو پر سڏائڻ ته آسان آھي پر خلقِ خدا تسليم نه ڪندي، ويھي فرش تي عرش تي اڏرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪري پوندو، اوقات وڃائي ويھي رھڻ بي وقوفي چئبي، ڪڏھن پرائي ڪاڄ ۾ ۽ ٽوپي نراڙ تي فرمائش ڪاجو جي حلوي کائڻ جي خبر تڏھن پوي ڪنھن جا ھٿ ٻانھن ۾ پون، پوءِ جي بدناميءَ کان اڳم سوچي قدم کڻڻ بھتر آھي، جيڪڏهن ڪنھن ڪوئي وانگر ٻي ٽي ڦڪيون گڏ ڪري رکي پنساري سڏائي، جيئن اڄڪھ گيڙو ويس پائي نالو رکي صوفي، وڏو جبو نيلامي پائي چوي پير پھتل، جيئن ڪو دروبين ڳچيءَ ۾ ٽنگي چوي ته آھيان ڊاڪٽر، ڪو رازو سڏائي انجنيئر، مقصد ھر هڪ کي پنهنجي حد ۽ اوقات ۾ رھڻ ۾ فائدو آھي، باز باز ھوندو، ڪبوتر ڪيتري کڻي وڏي اڏام ڪري پر باز ٿيڻ مشڪل آھي، خرگوش ڪيڏو کڻي تيز ڀڄي پر ھرڻ ٿيڻ ڇڏي ڏئي، بس اگر اھڙيو نقلون ڪري جيڪڏهن ڪو ٺڳ ميدان ۾ اچي بغير بحث جي بس مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ جي ڪجي.

Read Previous

چين ۾ به ڪورونا جي نئين قسم جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

Read Next

قاضي احمد : سنڌ جي نياڻين جي تقدس کي پائمال ڪندڙ نااھل ايس ايڇ او اوٻاوڙو کي فوري طور ھٽائڻ لاء ڌار ڌار احتجاج