قاضي احمد : سنڌ جي نياڻين جي تقدس کي پائمال ڪندڙ نااھل ايس ايڇ او اوٻاوڙو کي فوري طور ھٽائڻ لاء ڌار ڌار احتجاج

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي سنڌ جي نياڻين جي تقدس کي پائمال ڪندڙ نااھل ايس ايڇ او اوٻاوڙو کي فوري طور ھٽائڻ لاء پريس ڪلب قاضي احمد آڏو سياسي سماجي تنظيمن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ريليون. مظاهرين ايس ايڇ او اوٻاوڙو غلام عباس سندراڻي ء سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا مظاهرين جو چوڻ هيو ته تذليل ٿيل نياڻين کان معافي ورتي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو، ان موقعي تي جسقم اڳواڻن ساجن ڪنڀر، ڏاڏو مھر، پير نعيم، اسلم سوڍر ء اعجاز سنڌي سميت نوجوان سجاڳ اتحاد اڳواڻن اياز مھر، فيض ڪيريو، ڄام وقاص انڙ، ثناء اللہ انڙ، مھتاب ڪولاچي اياز راهو ء ٻين چيو ته سنڌي قوم نااھل اھلڪارن خلاف احتجاج جاري رکندي سنڌ پنجاب جي دنگ تي مسنگ پرسن جي آزادي لاء پيادل لانگ مارچ ڪندڙ نياڻين ۽ اڳواڻن کي تشدد ڪندڙ عمل انسانيت لڄائڻ آهي جڏهن ته رياست کي اھڙا عمل نه ٿا جڳائين ھنن وڌيڪ چيو ته جن مائرن جا ٻچا گم ھجن نياڻين جا وارث بيگناھ کنڀي گم ڪري گھرن ۾ قيامت برپا ڪندڙ نااھل اھلڪارن خلاف حق جي جدوجهد ڪندڙ نياڻين کي ائين سرعام تذليل ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي هنن چيو ته قانوني حق گھرندڙ ملڪي ماڻهن کي ائين رستي ويندو تذليل ڪري انسانيت لڄائيندڙ عمل ڏکوئيندڙ آهي ھنن چيو ته رياست سنڌي قوم سان ايڏو ظلم نه ڪري. ان موقعي تي هنن چيو ته انعام سنڌي، نجف بالادي ء ٻين کي فوري طور آزاد ڪري نياڻين جي تذليل ڪندڙ ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي کي فوري طور تي معطل ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪوئي کي ھريڙ ھٿ آئي، ته پاڻ کي پنساري پيو سمجهي.

Read Next

وزيراعظم پاران ٻه هزار ايڪيهه لاءِ ٻن پروگرامن جو اعلان

Most Popular