وزيراعظم پاران ٻه هزار ايڪيهه لاءِ ٻن پروگرامن جو اعلان

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان نئين سال جا ٻه هدف مقرر ڪيا آهن جنهن ۾ صحت ۽ ٻيو ڪو به بکيو نه سمهي پروگرام شامل آهن. پاڪستان ۾ متعارف گاڏين جي اسلام آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سال 2021 لاءِ منهنجا ٻه هدف آهن جنهن ۾ هڪ ته ”يونيورسل هيلٿ ڪوريج“ آهي جيڪو صرف پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان لاءِ آهي، هر گهراڻي وٽ هيلٿ انشورنس هوندي، شهري ڪنهن به اسپتال ۾ وڃي هيلٿ ڪارڊ ڏيکاري پنهنجو اعلاج ڪرائي سگهندو، هي تمام وڏو چئلينج آهي، اهڙي طرح جو پروگرام ڪنهن امير ملڪ وٽ به ناهي. عمران خان چيو ته ٻيو پروگرام ”ڪو به بکيو نه سمهي“ ان ۾ پوري قوم شامل هوندي، آءِ ٽي جو استعمال ڪري انهن علائقن جي نشاندهي ڪنداسين جتي بک وڌيڪ آهي، فلاحي ادارن سان گڏجي احساس پروگرام ذريعي هي نئون پروگرام لانچ ڪندس ته جيئن سال جي آخر تائين پاڪستان اهو ملڪ بڻجي وڃي جو ڪو به شهري بکيو نه سمهي.

Read Previous

قاضي احمد : سنڌ جي نياڻين جي تقدس کي پائمال ڪندڙ نااھل ايس ايڇ او اوٻاوڙو کي فوري طور ھٽائڻ لاء ڌار ڌار احتجاج

Read Next

نوشهره ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ تي حملو، چار ڄڻا مارجي ويا، جوابدار فرار

Most Popular