اظهرعلي جو نيوزي لينڊ ۾ سينچري ٺاهڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو

لاهور:قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي جو نيوزي لينڊ ۾ سينچري ٺاهڻ وارو خواب اڌ ۾ ئي رهجي ويو. نيوزي لينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ پهرئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ بعد ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان بهتر بيٽنگ ڪئي، بولنگ جي لاءِ سازگار ڪنڊيشنز ۾ پورو ڏينهن بال سيم ٿيندو رهيو، ان باجود سٺو ٽوٽل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، محمد رضوان سان گڏ منهنجي شرڪتداري سان بيٽنگ کي مضبوطي ملي، اسان کي ان ٽيسٽ ۾ سٺو موقعو آهي. اظهر علي جو چوڻو ته ميچ جي ٻئي ڏينهن صبح جو سٺي بالنگ ڪري ميزبان ٽيم کي جلد کان جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اڃان تائين نيوزي لينڊ ۾ سينچري نه ٺاهي سگهيس، هن ڀيري سٺو موقعو هو پر آئوٽ ٿي پيس، اڃان هڪ اننگز باقي آهي، ٻيهر ڪوشش ڪندس.

Read Previous

واٽس ايپ تي هڪ ڏينهن ۾ ڪالز جو رڪارڊ قائم

Read Next

سعودي عرب سرحدون کولي ڇڏيون، عالمي اڏامون بحال

Most Popular