سعودي عرب سرحدون کولي ڇڏيون، عالمي اڏامون بحال

رياض: عرب ميڊيا موجب ڪورونا وائرس جي نئين صورت سامهون اچڻ بعد پرڏيهي اچ وڃ تي پابندي هئين وئي هئي جيڪا هاڻ ختم ڪئي وئي آهي ۽ گڏوگڏ عالمي اڏامون پڻ بحال ڪيون ويون آهن. سعودي جي گهرو وزارت موجب صحت جي وزارت پاران جاري رپورٽ کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي، سرحدون بند ڪرڻ واري فيصلي ۾ توسيع نه ڪئي ويندي تنهن ڪري اڄ کان سموريون عالمي اڏامون بحال ڪيون وينديون ۽ سامونڊي رستن کان به اچ وڃ کي بحال ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سعودي حڪومت پاران اهڙي پابندي 20 ڊسمبر تي هڪ هفتي لاءِ هئين وئي هئي پر پوءِ ان کي هڪ هفتي لاءِ وڌايو ويو آهي.

Read Previous

اظهرعلي جو نيوزي لينڊ ۾ سينچري ٺاهڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو

Read Next

ڇا صنم جنگ جي طلاق ٿي وئي آهي؟ اداڪاره جو سوشل ميڊيا تي بيان سامهون اچي ويو

Most Popular