ڇا صنم جنگ جي طلاق ٿي وئي آهي؟ اداڪاره جو سوشل ميڊيا تي بيان سامهون اچي ويو

لاهور:   پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار جوڙين عروه حسين، فرحان سعيد، فيروز خان ۽ عليزي سلطان جي طلاق جي افواهن کان پوءِ اداڪاره ۽ ميزبان صنم جنگ جي طلاق بابت افواهون سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهن. نئين سال جي شروعات تي ٻين شوبز شخصيتن جيان اداڪاره صنم جنگ طرفان به مداحن کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي.  نئين سال تي شيئر ڪيل تصوير ۾ اداڪاره کي اڪيلو صوفي تي ڪافي جو ڪپ پڪڙي ويٺل ڏسي سگهجي ٿو. صنم جنگ جي اڪيلو صوفي تي ويٺل تصوير تي سوشل ميڊيا صارفين جي وڏي انگ طرفان هن جي طلاق  بابت مختلف ڳالهيون شروع ٿي ويون هيون.  سوشل ميڊيا صارفين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته صنم جنگ ۽ ان جي مڙس جا رستا ڌار ٿي ويا آهن. ايستائين جو هڪ صارف اداڪاره جي مڙس قسام جعفري جي ڪنهن ٻئي عورت سان شادي بابت به تبصرو ڪيو. هڪ صارف طرفان اداڪاره صنم جي طلاق ڇو ٿي؟ جي سوال جي پڇڻ تي ميزبان صنم جنگ جواب ڏنو ته اوهان جي ڪري. پر هينئر تائين اداڪاره ۽ ان جي مڙس طرفان طلاق  جي افواهن بابت ڪابه تصديق يا ترديد سامهون ناهي اچي سگهي. ياد رهي ته صنم  جنگ 2016 ۾ پنهنجي پراڻي دوست قسام جعفري سان شادي ڪئي هئي. قسام جعفري پيشي جي حوالي سان پائلٽ آهي ۽ ٻنهي جي هڪ ڌيءَ آهي جنهن جو نالو الايا جعفري آهي.

Read Previous

سعودي عرب سرحدون کولي ڇڏيون، عالمي اڏامون بحال

Read Next

عمران خان پي ڊي ايم کان اين آر او وٺڻ لاءِ شهباز شريف ۽ خواجه آصف کي گرفتار ڪرايو: مريم اورنگزيب

Most Popular