عمران خان پي ڊي ايم کان اين آر او وٺڻ لاءِ شهباز شريف ۽ خواجه آصف کي گرفتار ڪرايو: مريم اورنگزيب

لاهور:    مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پي ڊي ايم کان اين آر او وٺڻ جي لاءِ شهباز شريف ۽ خواجه آصف کي گرفتار ڪرايو آهي هن شهباز شريف جي گرفتاري جي سببن تي ٻڌل چارج شيٽ به جاري ڪري ڇڏي.  پارٽي صدر شهباز شريف جا جيل ۾ 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي جيل ۾ قيد ٿيندي 100 ڏينهن ٿي ويا آهن. پر 100 پئسن جي ڪرپشن به ثابت ناهي ٿي سگهي. عمران خان شهباز شريف کي صرف ان لاءِ گرفتار ڪيو آهي ڇو ته هو پاڻ نالائق، نااهل چور ۽ ڪوڙو آهي. کيس خبر آهي ته شهباز شريف کي ملڪ هلائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي پوري تياري آهي. نيب نيازي ڳٺ جوڙ ڪوڙن الزامن تي شهباز شريف کي ناحق گرفتار نٿو ڪري سگهي نيب شهباز شريف مٿان هڪ ٽڪي جي ڪرپشن جا ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو.  مريم اورنگزيب چيو ته جيڪي ڪاغذ شهباز شريف جي خلاف ڪوڙا الزام  لڳايا ۽ ميڊيا ٽرائيل جي لاءِ ڏيکاريا ويندا هئا اهي عدالتن ۾ پيش ناهن ٿيا. 100 ڏينهن شهباز شريف کي گرفتار ڪري عوام جو اٽو ۽ کنڊ چوري ڪيو ويو. هاڻ عوام  جي گيس ۽ بجلي چوري ڪئي پئي وڃي. حڪمرانن نالائقي، نااهلي، ڪوڙ ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي بنا ڪنهن سبب جي گرفتارڪيو آهي. شهباز شريف ان لاءِ گرفتار آهي ته جيئن عمران صاحب کي مهانگائي 3 کان 14 سيڪڙو ڪرڻ تي اين ار او ڏنو وڃي ته جيئن ڪوبه عمران صاحب کان اهو نه پڇي ته سو ڏينهن جي پلان جو ڇا ٿيو؟ عمران صاحب ترقي جي شرح منفي ڪرڻ تي پنهنجي لاءِ اين آر او وٺي سگهي.  شهباز شريف ان لاءِ گرفتار آهي ته جيئن عمران صاحب هڪ ڪروڙ نوڪريون نه ڏيڻ ۽ پنجاهه لک گهر ايل اين جي دير سان ۽ مهانگي اگهن تي ڪرڻ تي پنهنجي لاءِ اين آر او وٺي سگهي. هن چيو ته شهباز شريف ان لاءِ گرفتار آهي ته جيئن عمران صاحب 200 ارب کنڊ چوري، 225 ارب جي اٽي جي چوري ۽ 122 ارب جي ايل اين جي چوري ۾ پنهنجي لاءِ اين آر او وٺي سگهي.  شهباز شريف ان لاءِ گرفتار آهي ته جيئن عمران صاحب کي زمان پارڪ گهر جي ڪروڙين روپين جي نئين تعمير، 23 فارن فنڊنگ اڪائونٽس جا اربين روپيه ۽ 126 ارب جي پشاور بي آر ٽي جي کڏن تي اين آر او ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته خواجه آصف کي به بنا ڪنهن سببن جي گرفتارڪيو ويو آهي ۽ هنن جو ڏاڍ ۽ جبر گهڻو وقت نه هلي سگهندو.

Read Previous

ڇا صنم جنگ جي طلاق ٿي وئي آهي؟ اداڪاره جو سوشل ميڊيا تي بيان سامهون اچي ويو

Read Next

نيب 2018 کان ٻه 2020 تائين جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

Most Popular