واٽس ايپ جي نئين پاليسي قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ اوهان جو اڪائونٽ ختم ٿي سگهي ٿو

لنڊن:  فيس بڪ جي ملڪيت ڪمپني واٽس ايپ صارفين جي لاءِ پنهنجي پرائيويٽ پاليسي اپ ڊيٽ ڪري ڇڏي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ٻنهي قسم جي موبائل صارفين کي موڪليا ويا آهن. هن پاليسي بابت سڀني کان خاص ڳالهه اها آهي ته واٽس ايپ استعمال ڪندڙ صارف نئين پرائيويٽ پاليسي  کي جيڪڏهن قبول نه ڪندو ته ان جي واٽس ايپ تائين پهچ بلاڪ ڪئي ويندي ۽ (اپ ڊيٽ پاليسي قبول نه ڪرڻ جي صورت)  ۾ صارف جو واٽس ايپ اڪائونٽ ڊيليٽ ڪيو ويندو.  ڪمپني موجب پرائيويٽ پاليسي جو لاڳو ٿيڻ ايندڙ مهيني 8 فيبروري کان ٿيندو.

Read Previous

گوگل ماهره خان کي زارا نور عباس جي ماءُ بنائي ڇڏيو

Read Next

مصباح الحق پاران شڪست جو اعتراف، وڏين تبديلين جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular