مصباح الحق پاران شڪست جو اعتراف، وڏين تبديلين جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لاهور: قومي ٽيم جي هيڊڪوچ مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ڪيويز ٽنهي شعبن ۾ پاڪستان کان بهتر ٽيم ثابت ٿي پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۽ هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق جو چوڻ هو ته پهرئين ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ پاڪستان ڪم بيڪ ڪيو، ان کانپوءِ پرستارن جي اميدون وڌي ويون هيون، ان کانپوءِ پرفارمينس جو گراف هيٺ ٿيڻ تي تنقيد جائز آهي، اسان بهتر ڪري پئي سگهياسين پر نه ڪيوسين، ان تي مايوسي به آهي. مصباح الحق ڊراپ ڪيچز کي شڪست جو اهم سبب قرار ڏيندي ڇکڻ آفريقا خلاف سيريز ۾ ڪجهه تبديلين جو اشارو ڏيندي چيو ته ڊوميسٽڪ سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ قومي ڪرڪيٽرز جي پرفارمينس کي سامهون رکيو ويندو.

Read Previous

واٽس ايپ جي نئين پاليسي قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ اوهان جو اڪائونٽ ختم ٿي سگهي ٿو

Read Next

حڪومت جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي ۽ عدالتون عمل ڪرائينديون آهن: سپريم ڪورٽ

Most Popular