گوگل ماهره خان کي زارا نور عباس جي ماءُ بنائي ڇڏيو

لاهور: دنيا جي سڀني کان وڏي سرچ انجڻ گوگل ۽ وڪي پيڊيا  کي ڄاڻ جو ذريعو چيو ويندو آهي پر جيڪڏهن گوگل جو سرچ انجڻ ئي ڪا غلط ڄاڻ ڏيکارڻ لڳي ته اها دنيا جي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. گذريل ڏينهن گوگل تي ترڪش اداڪاره اسرا بلجيڪ کي پاڪستاني اداڪار ياسر حسين جي والده جي طور تي ڏيکاريو ويو ۽ هاڻ اداڪاره ماهره خان کي اداڪاره زارا نور عباس جي ماءُ جي طور تي لکي پيش ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گوگل تي جڏهن زارا نور عباس جي والده لکي سرچ ڪيو ويو ته اتي اسماءَ عباس جي بجاءِ سپر اسٽار ماهره خان جو نالو لکيل هو جيڪا مڪمل طور تي غلط ڄاڻ آهي.  گوگل طرفان هاڻ هن غلطي کي صحيح ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود گوگل ۽ وڪي پيڊيا انتظاميه کي هن بي ترتيب اپ ڊيٽ نظام جي درستگي جي ضرورت آهي ته جيئن ڪابه غلط ڄاڻ ڪنهن جي به ذريعي پوسٽ نه ڪري سگهجي.

Read Previous

پاڪستان جون نئين چونڊيل آمريڪي صدر کي مبارڪون

Read Next

واٽس ايپ جي نئين پاليسي قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ اوهان جو اڪائونٽ ختم ٿي سگهي ٿو

Most Popular