حڪومت جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي ۽ عدالتون عمل ڪرائينديون آهن: سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد   چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته قانون ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي ۽ عدالتون انهن تي عمل ڪرائينديون آهن. چيف جسٽس جي سربراهي  ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ خيبر پختونخواهه ۾ سول سرونٽ ايڪٽ ۾ رٽائرمينٽ جي عمر بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري ملازمن جي وڪيل چيو ته سول سرونٽ ايڪٽ ۾ رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال ڪئي وئي، 25 سالن جي سروس تي رٽائرمينٽ جو قانون ختم ڪيو ويو ۽ اسيمبلي ۾ ڪنهن کي ٻڌڻ بنا ۽ بنا بحث جي بل منظور ڪيو ويو. جسٽس منير اختر ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ماني پچي وئي ته اهو پڇڻ بيڪار آهي ته اٽو ڪٿان آيو، جيڪڏهن ڪنهن کي اسيمبلي جي ڪارروائي تي اعتراض آهي ته اسيمبلي ۾ وڃي دانهن ڪري. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته قانون سازي ۾ ڪنهن جو موقف ٻڌڻ جو تصور ناهي، جڏهن قانون تي گورنر جون صحيحون ٿي ويون ته معاملو ختم ٿي ويو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته چند سول سرونٽس جي خدشن تي ته قانون کي غلط قرار نٿو ڏئي سگهجي، رڳو وضاحتن سان قانون چئلينج ناهي ٿيندا، قانون ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي، عدالتون انهن تي عمل ڪرائينديون آهن، قانون آئين تحت ٺهندو آهي رولز آف بزنس سان نه. سپريم ڪورٽ خيبر پختونخواهه ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ خلاف هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي معاملو ٻيهر فيصلي لاءِ عدالت عاليا کي واپس موڪلي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته پشاور هاءِ ڪورٽ قانون موجب ڪيس جو فيصلو ڪري.

Read Previous

مصباح الحق پاران شڪست جو اعتراف، وڏين تبديلين جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه مهانگو پر عوام جو رت سستو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular