پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه مهانگو پر عوام جو رت سستو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوئيٽا  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان اهڙي ڌرتي آهي، جتي اسان جي شهيدن کي به احتجاج ڪرڻو پوندو آهي. ڪوئيٽا ۾ هزارا برادري طرفان مچ واقعي خلاف پنجين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، جتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهچي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ڌرڻي ۾ ويٺلن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان هن سانحي تي هزارا ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڇا ٿو چئي سگهان، پاڪستان اهڙي ڌرتي آهي، جتي اسان جي شهيدن کي به احتجاج ڪرڻو پوندو آهي، پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه مهانگو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته مزدورن، سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جو رت سستو آهي، 1999 کان هيل تائين اسان جا 2 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، ڪنهن کي انصاف نه مليو. هن چيو ته توهان پنهنجي شهيدن سان گڏ احتجاج ڪري رهيا آهيو، مان به هڪ شهيدن جي خاندان مان آهيان، اسان به اڄ تائين پنهنجي شهيدن کي انصاف نه ڏياري سگهياسين، جيستائين جيئرو رهيس، اها ئي ڪوشش هوندي ته اسان جي غريب عوام جي جيئڻ ڏنو وڃي، ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ سڄڻ سامهون ويٺا آهن، انهن کي انصاف نٿا ڏئي سگهو ته ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏيندئو. سندس چوڻ هو ته يقيني طور تي ٻاهرين ملڪ مان دهشتگردن کي مدد ملي رهي هوندي پر اها رياست جي ناڪامي آهي ته ٻاهرين ملڪ مان سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان جي شهرين جو قتل ٿي رهيو آهي، توهان چيو هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿيندو ۽ دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏينداسين، اسان اي پي ايس سانحي جي ٻارن سان واعدو ڪيو هو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين پر اڄ تائين دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن ۽ انتهاپسندي ٿي رهي آهي، اسان جو نيشنل ايڪشن پلان به ناڪام آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه به ناهي ڀڳي.

Read Previous

حڪومت جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي ۽ عدالتون عمل ڪرائينديون آهن: سپريم ڪورٽ

Read Next

مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمنن کي موقعا پئي ڏئي

Most Popular