انڊونيشيا ۾ مسافر جهاز گم، سمنڊ ۾ تباهه ٿيڻ جو خدشو

جڪارتا  انڊونيشيا جي هڪ مسافر جهاز جو اڏام کانپوءِ ڪجهه دير پوءِ ئي ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪَٽجي ويو ۽ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي اهو هوائي جهاز سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو هوندو. مقامي بجيٽ ايئر لائن سري ويجايا ايئر جو بوئنگ 737 جهڙو اهو جهاز بورنيو ٻيٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ جڪارتا کان اُڏيو هو، جنهن ۾ مسافرن ۽ عملي جي ميمبرن سميت ڪُل 56 ڄڻا سوار هئا. نيشنل سرچ اينڊ ريسڪيو ايجنسي موجب سمنڊ جي سطح تي ملبي جا ڪجهه ٽڪرا مليا آهن، جن بابت شڪ آهي ته اهي ان ئي جهاز جا آهن.

Read Previous

قاضي احمد : شيعا تنظيمن پاران مچ جي خون سان انصاف لاءِ ڌرڻو هڻي روڊ بند

Read Next

پي ايس ايل 6: ٽيمن ۾ ڪهڙا رانديگر برقرار رهندا؟ فهرست جاري

Most Popular